محمد عثمان جمالي

محمد عثمان جمالي محمد عثمان ’احقر‘ ولد ڌڻي بخش جمالي ڳوٺ شهبيگ جمالي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 1918ع ڌاري ڄائو. ابتدائي تعليم عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ قرآن شريف (ناظره) به پڙهيو. تنهن بعد ٽي درجا سنڌي پرائمريءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. عام طور تي ماڻهو کيس احقر فقير ڪري ڪوٺيندا هئا جوانيءَ واري دور کان شعر چوڻ شروع ڪيائين. سندس ڪلام جو ڪافي ذخيرو موجود آهي. مولودن، ڏوهيڙن، قطعن، مدحن، قصيدن، ڪافين، بيتن، غزلن ۽ نظمن تي مشتمل سندس ڪلام ’ڪليات محبت‘ نالي هڪ ننڍڙي ڪتابڙي جي صورت ۾ قاسميه پرنٽنگ پريس مشوري شريف ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هيءُ عوامي شاعر هو، لوڪ ڪچهرين ۾ چاهه سان شرڪت ڪندو هو. سندس ڪلام اعليٰ پايي جو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو